درٻار عاليه فقيرپور

درٻار عاليه فقيرپور: فقيرپور جي هيءَ درٻار يا مقبرو، دادو ضلعي ۽ تعلقي جي راڌڻ اسٽيشن جي اتر طرف، ٻاهرئين سگنل جي اوڀر پاسي عارف شهيد قبرستان لڳ آهي. هيءُ مقبرو ۽ درٻار پير مٺا سائينءَ جي وفات کانپوءِ 1964ع ۾ قائم ڪئي وئي. ابتدا ۾ هن قبرستان ويجهو ست اٺ گهر هئا، پر هاڻي وڏي آبادي ٿي وئي آهي. هتي هر اسلامي مهيني جي يارهين تاريخ تي روحاني محفل ٿيندي آهي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۽ ٻاهرين ملڪن مان ماڻهو اچي شامل ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو